اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ طوفان ۽ برسات ۽ وڻ ڪرڻ سان 3 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪندي صوبائي حڪومت کي متاثرين جي ڀرپور مدد ۽ زخمين کي علاج جي بهترين ??هو??تن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شانگلا ۾ ٻن ماڻهن ۽ ڪرڪ ۾ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ تي متاثره خاندانن سان همدرديءَ ۽ تعزيت ج?? اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمي ٿيندڙن سان پڻ همدرديءَ ج?? اظهار ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.