اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس ??وج??ان پٽ جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ??هباز شريف ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي مرحوم پٽ جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، توانائي وارو وفاقي وزير ??نج??يئر خرم دستگير ۽ وزيراعظم ??و صلاحڪار احد چيما پڻ ان موقعي تي وزيراعظم ??ان گڏ هئا.