اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۽ نيول هيڊڪوارٽرز جي وچ ۾ سا??ياني اسٽاف ڳالهه ٻولهه پرڏيهي آفيس ۾ ٿي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) وائيس ايڊمرل اويس اي بلگرامي ڳالهه ٻولهه ۾ لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم افيئرز جي وزارت پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات پاڪستان جي سا??ونڊي مفادن بشمول ميري ٽائيم سيڪيورٽي، بليو اڪانومي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ماحولياتي ت??فظ ۽ موسمياتي ت??ديلي جي ضرورتن بابت هڪ ٺوس جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. بيان موجب سا??ونڊي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمز ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ مختلف شعبن ۾ عالمي ت??اون ۽ صلاحيت وڌائڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي سا??ونڊي مفاد مڪمل طور تي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ميري ٽائيم ڊومين ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي ڪ??شش?? کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس قومي ميري ٽائيم پاليسي فريم ورڪ کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان جي سا??ونڊي ۽ بليو اڪانومي جي صلاحيتن جي ادراڪ ۽ سا??ونڊي ڊومين ۾ موثر عالمي حصيداري کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ فعال ملڪي ماحولياتي نظام کي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ هم آهنگي کي گهرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ڌرين سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو.