اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??. پرڏيهي وزير بليڪ سي گرين ا??يشي ايٽو (بي ايس جي آئي) جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ غذائي ناڻي واڌ ۽ غذائي ت??فظ بابت چئلينجز پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن تي منفي اثر ڇڏيندا، جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ جو شڪار آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته هن ا?? موضوع تي پنهنجي يوڪرائني ۽ ترڪ هم منصبن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئ?? آهي. هن ا??يد ظاهر ڪئ?? ته ان قدم کي بحال ڪرڻ جي ڪوششون ??مو??ين ڌرين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري مشغوليت جي ذريعي لاڀائتيُون ٿينديون. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي درخواست ڪئ?? ته هو اهڙو حل ڳولڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن سان بي ايس جي آئي جي تجديد ممڪن ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ان معاملي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.