اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽل يوٿ هب پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ وز??راعظم شهباز شريف، وز??راعظم جي نوجوانن ج?? معاملن واري خصوصي صلاحڪار شزه فاطمه، سينيٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم، يوٿ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊيجيٽل پليٽ فارم پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي ترقي جي ويزن تحت نوجوانن کي هڪ ئي ڊيجيٽل پليٽ فارم تان تعليم جي عالم?? معيار جون سهولتون، روزگ??ر، ٻين تعميراتي سرگرمين ۽ ماحوليات جي حوالي سان آسان پهچ فراهم ڪندو.