لاڙڪاڻو – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽ?? زرداري ل??ڙڪاڻي جي علائقي ڳوٺ وڪيو سانگي پهچي ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ تعمير ٿيندڙ گهرن جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽ?? زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ هو. چيئرمين بلاول ڀٽ?? زرداري کي ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ جي چيف آپريٽنگ آفيسر مل?? نجف خان پاران بريفنگ ڏن?? وئي. چيئرمين بلاول ڀٽ?? زرداري کي سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ??تل ڪلهوڙو پڻ تعمير ٿيندڙ گهرن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ڳوٺ وڪيو سانگي جي 266 ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن مان 147 گهرن جي تعمير جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڳوٺ وڪيو سانگي جي 138 ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي تعمير جي ل??ءِ پهرين قسط، 102 کي ٻي جڏهن ته 60 کي ٽئين قسط جاري ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽ?? زرداري ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ ۽ ايس آر ايس او جي ڪوششن کي ساراهيو.