اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گوجرا??وا??ا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي ا??تح??ن ۾ پهرين پوزيشن ح??صل ڪندڙ جمشيد علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قوم جو فخر ۽ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوجرا??وا??ا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي ا??تح??ن ۾ پهرين پوزيشن ح??صل ڪندڙ هوشيار شاگرد جمشيد علي سان ملي انتهائي خوشي ٿي، ان جي ڪاميابي ۾ جيستائين ان جي پنهنجي محنت ۽ ل??اءُ شامل آهي اتي ان جي والدين ۽ استادن جي به ايتري ئي محنت آهي. وزيراعظم چيو ته مون جمشيد علي جي مثالي ڪارڪردگي تي ان جي حوصلا افزائي جي لاءِ 10 لک رپين جو انعام ڏنو، ماسٽرز تائين تعليم جا خرچ حڪومت پاران برداشت ڪرڻ، ماهوار 30 هزار رپين جي وظيفي سان گڏوگڏ ان کان اهو وچن پڻ ورتو آهي ته هو اڳتي به ائين ئي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو، جمشيد علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قوم جي فخر سان گڏوگڏ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ جمشيد علي سان پنهنجي ملاقات جون تصوير??ن پڻ شيئر ڪيون آهن.