اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ سبب متاثر صارفين کي 41 لک رپيا واپس ڏيڻ جي هدايت ڪندي بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف مسلم ڪمرشل بئنڪ جون 3 ۽ الائيڊ بئنڪ جي هڪ اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وج?? صدر اپيلن کي رد ڪندي چيو ته بئنڪن آن لائين فنڊز ٽرانسفر جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي ضابطن جي تعميل ۾ لاپرواهي جو ??ظاهرو ڪيو ۽ صارفين جي رضامندي کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر سهولت کي فعال ڪيو. تفصيل ??وج?? ٻن نجي بئنڪن جي 4 صارفين جي بئنڪ اڪائونٽس مان جعلسازن رقم ڪڍرائي وئي. صدر چيو ته بئنڪن فنڊز ٽرانسفر جي فائدن ۽ نقصانن بابت واضح ۽ سادي زبان ۾ صارفين کي نه ٻڌايو ۽ صارفين جي اجازت کانسواءِ فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ سان صارفين کي نقصان کڻڻو پيو. هن چيو ته بئنڪون بدانتظامي جي مرتڪب ۽ صارفين جو ??قصان ??ورو ڪرڻ جون ذميوار آهن. تفصيل ??وج?? سميرا الله دته، افضال عباس ڪاظمي، فرح محمد خان ۽ ڊاڪٽر ڪنور شڪيل احمد (شڪايت ڪندڙ) کي ترتيبوار 15 لک، 9 لک 85 هزار، 9 لک 60 هزار ۽ 5 لک 98 هزار رپين جو ??قصان ??يو. ڊاڪٽر ڪنور کي هيلپ لائين تان شڪي نمبر تان ڪال موصول ٿي، ڪالر ذاتي بئنڪنگ معلومات طلب ڪئي. بئنڪنگ معلومات شيئر ڪرڻ کانپوءِ اڪائونٽ مان 598000 رپيا منتقل ڪيا ويا. ذاتي تفصيل شيئر نه ڪرڻ جي باوجود سميرا، افضل ۽ فرح جي بئنڪ اڪائونٽس مان ??ڏي رقم غائب ڪئي وئي. صارفين رقم واپسي جي لاءِ جدا جدا بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ڪو فائدو نه ٿيو. بعد ۾ صارفين بئنڪنگ محتسب کي شڪايتون داخل ڪرايون جنهن بئنڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بئنڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر کي درخواستون داخ ڪيون. صدر مشاهدي کانپوءِ چيو ته شڪايت ڪندڙن لاڳاپيل بئنڪن مان ??نڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ جي درخواست نه ڪئي ۽ اهو ته بئنڪن دوکيبازي جو خطرو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مناسب نظام ۽ ڪنٽرول نه لڳايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جعلسازن بئنڪن جي ڪمزور نظام ۽ ڪنٽرول جو ??ائدو کنيو، جعلساز پا?? کي بئنڪن سان رجسٽر ڪرائڻ ۽ تڪراري ڏيتي ليتي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. صدر چيو ته آن لائين ڏيتي ليتي لاءِ نئين اوزارن کي بئنڪن ۾ جعلي ڏيتي ليتي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي رجسٽر ڪيو ويو، بئنڪن فنڊز ٽرانسفر سهولت جي حوالي سان استيٽ بئنڪ جي قاعدن ۽ ضابطن جي تعميل نه ڪئي، صارفين کي آسان زبان ۾ لکت ۾ سهولت جي فائدن ۽ نقصانن کان آگاهه نه ڪيو ويو، بئنڪن جو ??وقف ته ڏيتي ليتي ۾ پاسورڊ استعمال ٿيا ۽ اهي صارفين جي رضامندي سان ??يا، کل جوڳي آهي. صدر چيو ته پهريون مرحلو فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ جي لاءِ صارف جي رضامندي حاصل ڪرڻ آهي، ٻيو مرحلو ڏيتي ليتي کان اڳ صارف جي سيڪيورٽي جي لاءِ تصديق ڪرڻ آهي، بئنڪون ٻن جدا جدا مرحلن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اي ايف ٽي چينل کي رضامندي کانسواءِ نه ٿو کوليو وڃي ته صارفين مالي نقصان کان بچي سگهيا پئي، بئنڪون پنهنجي قانوني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، بئنڪن بدانتظامي ڪئي. صدر بئنڪن جي اپيل رد ڪندي متاثر صارفين کي 41 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.