اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آ??ي، ته رياست ۽ عوام وچ ۾ اهڙي سماجي معاهدي تي يقين رکون ٿا، جتي حقن جو تحفظ هجي، جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضامن آهي، هر ذميوار معاشري وانگر اسان به پنهنجي شهرين جي ڀلائي چاهيون ٿا، آمريڪا سان تعميري، اثرائتي ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداري چاهيون ٿا، موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان ويجهو سهڪار آهي، پاڪستاني عوام باصلاحيت آهي ۽ موجوده بحرانن تي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. اهڙن خيالن جو هن هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سان ملاقات ۽ سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. نگ??ان وزيراعظم هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جي وزيراعظم آفيس آمد تي آجيان ڪئي. هن آمريڪي معاشري طرفان حاصل ڪيل اڳڀرائي کي ساراهيندي چيو ته آمريڪي معاشري ۾ تنوع ٻين ملڪن لاءِ هڪ مثال آهي، گذريل 200 سالن ۾ آمريڪا زبردست ترقي ڪئي آهي، ان جو معاشرو روادار آهي ۽ آمريڪا علم ۽ هنر جي ميدان ۾ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو آ??ي، اهو حيرت انگيز آهي. هن چيو ته ٻين ملڪن کي پنهنجي مفادن لاءِ ان مان سبق سکڻ گهرجي، ضروري ناهي ته آمريڪا سان هر معاملي تي اتفاق ٿئي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي تباهي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آ??ي جيڪو هڪ عالمي مسئلو آ??ي. هن چيو ته سموري دنيا آمريڪا کي هڪ وڏي طاقت طور ڏسي ٿي، جڏهن ته گڏ ئي اها اميد رکي ٿي ته هو پاڻ کي گرين پاور ۾ تبديل ڪندو. گذريل سال بلوچستان ۽ سنڌ ۾ موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن سبب ٻوڏ تمام وڏي تباهي ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني ڊاڪٽر آمريڪي معاشري ۾ اسان جي سڃاڻپ آهن. نگ??ان وزيراعظم چيو ته ضروري آهي ته اسان جا نوجوان جتي به وڃن ڪامياب ٿين، پاڪستاني عوام تمام گهڻي باصلاحيت آهي. هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، حڪومت هاءِ ٽيڪ، تعليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا پيدا ڪرڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي تبديلي آئيني طريقي سان عمل ۾ آئي ۽ جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضمانت آهي. جمهوريت ۽ عددي بنيادن تي آمريت ۾ فرق ڄاڻڻ تمام صروري آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به جمهوريت جي نالي تي اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آ??ي، جمهوري معاشري ۾ هر فرد جي حقن جو تحفظ ضروري هوندو آ??ي. آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ جيڪا به قيادت چونڊجي ايندي آهي اها معاشري لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪندي آهي. هن چيو ته نگ??ان حڪومت پنهنجي مختصر آئيني مدي دو??ان خرچن ۾ گهٽتائي، ٽئڪس اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڀرپور توجهه ڏيندي، پاڪستان ۾ اٽڪل 9 سيڪڙو آبادي پنهنجي ٽئڪسن مان جي ڊي پي ۾ حصو وجهي رهي آهي. نگ??ان حڪومت جي مختصر دور ۾ غيردستاويزي معيشت، ماڻهن کي ٽئڪس نيٽ ۾ ڪيئن آندو وڃي ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪيئن ڪئي وڃي ان تي ڀرپور توجهه ڏيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن اڳوڻي سوويت يونين ۽ افغانستان جنگ ۽ ان کان پوءِ خطي ۾ پيش آيل واقعن دو??ان پاڪستان جي ڪردار جي وضاحت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان عالمي امن ۽ معيشت ۾ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو آ??ي. هن ماضي ۾ دنيا جي ٻن طاقتن آمريڪا ۽ روس وچ ۾ ڪيترين ئي چئلينجز کي منهن ڏنو. نگ??ان وزيراعظم پاڪستان جي تاريخ ۽ قيام پاڪستان تي به خيالن ج?? اظهار ڪيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جمهوريت پارليامين?? کي تقويت بخشي ۽ پاڪستان ۾ گذريل 15 سالن کان لڳاتار 3 جمهوري حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو. نگ??ان وزيراعظم سماجي نظم و ضبط جي تسلسل ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ جي اهميت تي به ز??ر ڀريو. هن چيو ته پاڪستان مختلف معاملن تي آمريڪا سان هاڪاري انداز ۾ مصروف عمل رهيو آ??ي. هن چيو ته مختلف عالمي مسئلن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف ۽ اتفاق به ٿيو.