ا??لا?? آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته قومي نصاب ڪائونسل جي مسودي تي سمورن صوبن جو اتفاق آهي، اٺين جماعت تائين نئون نصاب لاڳو ٿيندو، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي بدلڻو پوندو. قومي نصاب ڪائونسل سيڪريٽري?? جي دؤري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ نصاب پڙهائڻ جي حوالي سان جائزو ورتو ??يو وڃي. هن چيو ته تعليم کانسواءِ ترقيءَ جو ڪو رستو ناهي، 80 سيڪڙو ٻار سرڪاري ??سڪ??لن ۾ پڙهن ٿا، پر ??سڪ??لن جي حالت بهتر نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته ا??لا?? آباد جي ڪيترن ئي ??سڪ??لن جو اوچتو دؤرو ڪيو آهي. سرڪاري ??سڪ??لن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگر??ن جي مسئلن کي حل ڪنداسين. هن چيو ته ايڇ اي سي طرفان پي ايڇ ڊي جي ڊگرين جي جاري ڪرڻ تي ڪوبه چيڪ بئلنس ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ تعليم جو نظام خراب آهي، ان کي بدلڻ جي ضرورت آهي.