بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي دوري جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وانگ زو گانگ، پا??ستان ۾ چ??ن جي سفير جيانگ زي ڊونگ ۽ اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي. چين جي فنڪارن روايتي رقص سان نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو ويو. پا??ستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا. نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پا??ستان جي نمائندگي ڪندي نگران وزيراعظم چين پا??ستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابين سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي پا??ستان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪندو. نگران وزيراعظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 آڪٽوبر تي عالمي معيشت ۾ مواصلاتي رابطن جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم جي چين ۾ چ??ني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ ۽ سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر لي شي سان ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ٿيندي. نگران وزيراعظم پا??ستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. سنڪيانگ ۽ پا??ستان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ نگران وزيراعظم ارومچي جو دورو ڪندو جتي نگران وزيراعظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.