اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)توانائيءَ واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته 57 سيڪڙو گهريلو صارفين ج?? گيس ٽيرف ناهي وڌايو ويو، ماهوار فڪسڊ چارجز 4 سؤ رپيا مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين صارفين لاءِ ٽيرف استعمال جي حساب سان ٿيندو ۽ ڀاڻ سازي جي صنعت لاءِ گيس جي قيمتن ۾ تمام گهٽ اضافو ڪيو ويو، ملڪ ۾ انڊسٽريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسابقتي ماحول پيدا ڪيو آهي. نگران وفاقي وزير سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گيس جي قيمتن ۾ اضافو مشڪل فيصلو هو پر گيس جي قيمتن ۾ هاڻوڪي اضافي سان پيٽروليم سيڪٽر جي گردشي قرضن ۾ اضافو رڪجي ويو آهي ۽ هاڻ گيس سيڪٽر ۾ نقصان نه ٿيندو. هن چيو ته گذريل 10 س??لن کان گيس جي قيمتن ۾ اضافو ناهي ڪيو ويو، گيس قيمتن ۾ اضافو ملڪ جي مفاد ۾ ڪيو ويو، گيس جي قيمت خريد ۽ عوام کي ڏني ويندڙ قيمتن ۾ تمام وڏو فرق آهي، جيڪڏهن گيس جون قيمت??ن نه وڌايون ها ته هن سال 400 ارب ر??ين جو نقصان کڻون ٿا. هن چيو ته گهٽ گيس استعمال ڪندڙ 57 سيڪڙو گهريلو صارفين لاءِ گيس جي قيمت 1300 رپيا ٿيندي، حڪومت هاڻ به گهريلو صارفين کي 139 ارب ر??يا سبسڊي ڏئي رهي آهي، 93 سيڪڙو گهريلو صارفين کي هاڻ به گيس قيمت خريد کان سستي فراهم ٿيندي. توانائي واري وزير چيو ته ملڪ کي نقصان کان بچائڻ لاءِ گيس جون قيمتون وڌائڻيون پيون، گذريل ڪيترن ئي س??لن قيمت??ن نه وڌائڻ سبب اسان کي مجبور هاڻ وڌيڪ قيمتون وڌائڻون پئجي رهيون آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 10 س??لن ۾ گيس جي وڏين ڪمپنين کي 879 ارب ر??ين جو نقصان ٿيو جڏهن ته پوري گيس سيڪٽر جو نقصان 2100 ارب ر??ين تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته تندور وارن گيس ڪنيڪشنز ۾ واڌ ناهي ٿي ڇاڪاڻ ته ان سان عوام تي بار پوندو، تندورن لاءِ گيس جي مد ۾ 2 ارب ر??يا سبسڊي ڏني پئي وڃي.انڊسٽريءَ کي گيس جي قيمت خطي جي ملڪن جي برابر هوندي، انڊسٽريز ۾ پُراڻن ۽ نَون ڪنيڪشنز لاءِ قيمتن ۾ فرق هو جنهن کي ختم ڪيو ويو آهي ته جيئن نئين انڊسٽري کي هٿي ملي. آبادگارن تي بار نه وجهڻ لاءِ فرٽيلائيزر سيڪٽر لاءِ گيس جي قيمت??ن ناهن وڌايون، ڀاڻ صنعت لاءِ 45 ارب ر??يا سبسڊي هوندي. هن چيو ته جيڪو وڌيڪ گيس استعمال ڪندو ان جو اوترو ئي ريٽ وڌايو ويو آهي جڏهن ته 93 سيڪڙو صارفي ان اضافي بعد به گيس جي قيمت خريد کان گهٽ ادا ڪندا. توانائي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي پاور ۽ پيٽروليم سيڪٽر بابت هدف مڪمل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 10 س??لن کان گيس جي ذخيرن مان گهٽتائي اچي رهي آهي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ آر ايل اين جي گُهرائي ويندي آهي، ماضيءَ ۾ گيسن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وڃي ها ته اڄ اضافو نه ڪرڻو پوي ها. هن چيو ته گيس جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪئي وڃي ها ته گردشي قرض وڌي وڃن ها ان لاءِ قيمتون وڌائڻ اڻٽر هو. هن چيو ته گيس گُهرائڻ سان بل ۾ واڌ ٿئي ٿي ان لاءِ ان نقصان سبب بجيٽ خسارو به وڌي رهيو هو، گذريل هڪ مهيني کان مهانگائي ڪنٽرول ۾ اچي رهي آهي، مستقبل ۾ جنهن قيمت تي گيس خريد ڪري رهيا آهيون ان تي وِڪرو ڪنداسين ۽ پراڻي ۽ نئين انڊسٽري لاءِ گيس جا اگهه برابر هوندا. توانائي واري وفاقي وزير تفصيل ٻُڌائيندي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ گيس جا ڪنيڪشن آهن، هڪ ڪروڙ گهرن ۾ 57 لک ڪنيڪشنز جو ٽيرف ناهي وڌايو ويو. هن چيو ته 57 سيڪڙو گهر مجموعي طور تي 31 سيڪڙ?? گيس استعمال ڪن ٿا ۽ 11 سيڪڙو ادائگيون ٿين ٿيون، امير طبقي جا ڪنيڪشن 3 سيڪڙو آهن، هو 17 سيڪڙ?? گيس استعمال ڪن ٿا، انهن جي بلنگ 39 سيڪڙو هوندي، هن چيو ته نَون ۽ـ پُراڻن صنعتن کي هڪجهڙن اگهن گيس مهيا ٿيندي.