تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ سان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، رابطي ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ تنظيم جي تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ ڀارتي وال??ري?? ڄمون ۽ ڪشمير ۽ وچ اوڀر جي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي. سيڪريٽري جنرل اي سي او جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ خطي ۾ واپار ۽ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اي سي او سيڪريٽريٽ جي عزم جو يقين ڏي??ري??.