اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ کي لکيل خط ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ??ونڊون منعقد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي چونڊ وڙهڻ جو حق حاصل آهي. ايوان صدر پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي موجب صدر پنهنجي خط ۾ لکي?? ته پاڪستان ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ قابل اعتماد چونڊن جي لاءِ اتفاق راءِ آهي، سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ عوام کي انهن کي چونڊڻ جو حق حاصل آهي. صدر ان حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب خان پاران مليل خط پڻ موڪليو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته جمهوريت ئي پاڪستان جي رياست ۽ عوام جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو مناسب رستو آهي، ماڻهن ??و سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ آزاد ميڊيا جي ذريعي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ ئي جمهوريت جو روح آهي. پنهنجي خط ۾ صدر چي?? ته اهو انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين کي برابري جو ميدان فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ غيرجانبدار ڌر طور ڪوششون ??ري. هن چي?? ته ان ڏس ۾ نگران حڪومت جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي نگران وزيراعظم جا تازا بيان اطمينان جوڳا آهن. هن چي?? ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪ?? 41 ??حت صدر جو عهدو، ملڪي سربراهه جي حيثيت سان جمهوريه جي اتحاد جي علامت آهي، آئين موجب سمورن ادارن سميت صدر ۽ وزيراعظم شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ جا پابند آهن. صدر لکي?? ته پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 4 واضح طور تي بيان ڪري ٿ?? ته قانون موجب سلوڪ ڪرڻ هر شهري جو مڃيل حق آهي. هن وڌيڪ چي?? ته آئين جي آرٽيڪل 17 موجب سياسي پارٽي جي ميمبرشپ يا تنظيم سازي ڪرڻ هر شهري جو حق آهي. صدر چي?? ته آئين جو آرٽيڪل 19 هر شهري کي اظهار راءِ جي آزادي سان گڏ آزاد پريس جو حق ڏي ٿو.