اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو ادارو پريس انفارميشن ڊ??ار??مينٽ (پي آءِ ڊي) 2024ع جي عام چونڊن کان اڳ عوام ۾ ووٽ جي اهميت، چونڊ نظام ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪردار سميت چونڊ عمل جي حوالي سان آگاهي مهم جي ذريعي وسيع تر عوام جي ڄاڻ کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي ته ج??ئن عوام پنهنجي قومي ذميواري جي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيڻ جي ذريعي هڪ مستحڪم جمهوري نظام جي فروغ ۾ پنهنجي فعال شرڪت کي يقيني بڻائي سگهي. ان سلسلي ۾ پريس انفارميشن ڊ??ار??مينٽ جي اهتمام هيٺ سيمينارز جو هڪ سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ته ج??ئن 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ووٽرز جي فعال شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. پي آءِ ڊي پاران جاري پڌرائي موجب انهن سيمينارز ۾ مرڪزي ڌارا جي سياسي ??ار??ين، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، ميڊيا، دانشورن، سول سوسائٽي ۽ عوامي نمائندن کي گهرايو ويو آهي. اهي سيمينار شهرين کي ووٽ وجهڻ جي اهميت، چونڊ نظام ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪردار کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪ??دا. پي آءِ ڊي پاران منعقد ٿيندڙ سيمينارز عوامي آگھاهي کي فروغ ڏئي عوام کي فيصلاسازي جي لاءِ بااختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا جيڪي آخرڪار وڌيڪ مضبوط ۽ جوابده جمهوري نظام ۾ حصو وٺ??دا. ان حوالي سان 11 جنوري تي پريس انفارميشن ڊ??ار??مينٽ مقامي هوٽل ۾ ”پاڪستان جون 2024ع جون عام چونڊون: سياسي ??ار??ين جي اقتصادي ايجنڊا“ جي موضوع تي پهرين سيمينار جو اهتمام ڪيو جنهن ۾ اطلاعات، نشريات ۽ ??ار??ياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، سياسي ??ار??ين جي اڳواڻن، اقتصادي ماهرن، سينيئر صحافين سميت سمورين ڌرين شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ 2024ع جي عام چونڊن جي تياري جي لاءِ پيش ڪيل سياسي ??ار??ين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو ويو. واضح رهي ته ووٽر مختلف سياسي ادارن پاران پيش ڪيل معاشي تصورن ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا ۽ ان سيمينار جو مقصد پاڪستان جي سياسي ميدان ۾ سياسي ??ار??ين جي ذريعي تصور ڪيل معاشي منظرنامي جو هڪ ٺوس جائزو فراهم ڪرڻ هو. ان سلسلي جو ٻيو سيمينار ”پاڪستاني چونڊ تڪن جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي ۾ سياسي ??ار??ين جو ڪردار“ جي موضوع تي 18 جنوري تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. ”چون?? ضابطه اخلاق: ميڊيا سميت ڌرين جي اخلاقي پريڪٽسز“ جي عنوان سان ٽيون سيمينار 25 جنوري تي منعقد ڪيو پيو وڃي جڏهن ته چوٿون ۽ آخري سيمينار پهرين فيبروري تي ”نوجوانن، عورتن، ٽرانسجينڊرز ۽ ثقافتي اقليتن جي سياسي شرڪت ۽ اختيار“ جي موضوع تي منعقد ٿيندو.