اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊ ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي پارٽين ۽ ??مي??وارن کي خبردار ڪيو آهي ته ضابطه اخلاق مطابق عام چونڊن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشنن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۽ ڪنهن خاص ??مي??وار لاءِ مهم هلائڻ تي پابندي هوندي. هتي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پولنگ اسٽيشن ج?? 100 ميٽر اندر ڪنهن خاص ??مي??وار جي حق ۾ ووٽ وِجهڻ لاءِ ووٽر جي حو??له افزائي يا ان کي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ حو??له شڪني تي ٻَڌل نوٽيس، علامتون، بينر يا جهنڊا لڳ??ئڻ تي مڪمل پابندي هوندي. جڏهن ته سياسي پارٽيون، ??مي??وار، اليڪشن ايجنٽ يا ان جا حمايتي، پولنگ واري ڏينهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشن کان 400 ميٽر يا شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳ??ئي سگهندا. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ پوليس انتظاميه ڄاڻايل مٿين شقن تي عملدرآمد تي يقيني بنائڻ جا ذميوار هوندا، ان جي خلاف ورزي غي?? قانوني فعل تصور ڪئي ويندي، جنهن تي قانون مطابق سخت ڪارروائي ٿيندي.