اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ?? سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن کي ڪارائتو، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ کي ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته روڊ ٽ?? مڪه پراجيڪٽ جو دائرو وڌائڻ سان پاڪستاني حاجين کي س??ولت ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ?? سعودي عرب جي س??ير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران سندس وزيراعظم جي عهدي تي ٻيهر چونڊ تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا. پاڪستان ?? سعودي عرب جي وچ ۾ خصوصي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چ??و ته سعودي عرب جو سفير اهو پهريون غيرملڪي س??ير آهي جيڪو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ساڻس ملاقات ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چ??و ته سندس حڪومت جي ترجيح پاڪستان ?? سعودي عرب جي وچ ۾ هر آزمائش تي پورو لهندڙ ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ڌيان سعودي س??ڙپڪاري کي پاڪستان ?? منصوبن جي لاءِ راغب ڪرڻ تي رهندو. وزيراعظم ”روڊ ٽ?? مڪه“ پراجيڪٽ جو دائرو وڌائڻ تي سعودي عملدارن جا ٿورا مڃيا ۽ چ??و ته ان سان پاڪستاني حاجين کي س??ولت ملندي. وزيراعظم کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيندي سعودي س??ير وزيراعظم کي سعودي قيادت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن چ??و ته سعودي عرب مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ سدائين قابل اعتماد حصيدار رهندو.