اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي س??ڙپڪار وفد جو پاڪستان اچڻ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي ??عاشي لاڳاپن جي حوالي سان انتهائي اهم اڳڀرائي آهي. هن ان دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان وفاقي وزيرن، آفيسرن ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا هوابازي واري وزارت جي س??ارش تي ايئر سيال کي چين، ملائيشيا، سريلنڪا، ٿائيلينڊ، ترڪيه، برطانيا ۽ ڪويت ۾ فلائيٽ آپريشنز شروع ڪرڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. اها منظوري نيشنل ايوي ايشن پاليسي 2023ع ۽ ايئر سروسز ايگريمنٽ تحت ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي س??ارش تي اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ ڪنگڊم آف ڪولمبيا جي ??چ ۾ گڏيل واپاري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون جڏهن ته وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي س??ارش تي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن کي انساني حقن واري وزارت کان وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي حوالي سان ڪرڻ جي ??ڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا چيني س??ڙپڪاري م??صوبن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 30 اپريل 2024ع تي ٿ??ند?? اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??ڻ توثيق ڪئي.