اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران ان ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، گلگت بلتستان جو و??و وزير حاجي گلبر خان، گلگت بلتستان جو اڳوڻو و??و وزير حافظ حفيظ الرحمان، گلگت بلتستان جو ناڻي وارو وزير انجنيئر محمد اسماعيل، گلگت بلتستان جو منصوبابندي ۽ ترقي وارو وزير راجا ناصر علي خ??ن، ڪشمير معاملن وارو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ ??ين الصوبائي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري شامل آهن. ڪميٽي جو سيڪريٽ??يٽ ??ين الصوبائي رابطن واري وزارت ۾ هوندو. اها ڪميٽي ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ ۾ شامل قدمن ۽ سڌارن تي اتفاق راءِ جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪندي.