اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اڪ??ر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استح??ام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ ??اڪ??ر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيان ٿو، آئون پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استح??ام کي هٿي ڏيڻ لاء?? چونڊيل صدر ??اڪ??ر پزشڪيان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجها ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان کي گڏيل فائديمند لاڳاپن ذريعي پنهنجي ٻنهي ملڪن جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ گهرجي.