اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت نوجوانن جي لاءِ جديد هنر ۽ پيشيواراڻي تعليم ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پرعزم آهي، نوجوانن کي زندگي جي هر شعبي ۾ ترقي ۽ باوقار روزگار جي لاءِ جديد هنر ۽ پيشيواراڻي تربيت يقيني بڻائينداسين. نوجوانن جي لاءِ هنر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پا??ستان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جا باصلاحيت نوجوان آهن، پا??ستان جي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن کي جديد هنر سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، ترقي يافته قومون پنهنجي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿيون، حڪومت نوجوانن کي جديد تعليم، هڪ جهڙي ترقي جي موقعن سان گڏوگڏ دنيا سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ جديد پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ 3 لک ۽ جديد زراعت جي لاءِ هڪ هزار نوجوانن کي پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ چين موڪلڻ جي لاءِ قدم جيڪي سندس تا??ي چين جي دوري دوران طئي ٿيا، حڪومت جو انهي عزم جو ورجاءُ آهي. ان ڏس ۾ نه رڳو عورتون پر پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي خص??صي ترجيح ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته قومي سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تربيتي پروگرام جاري آهن، جتي اهي فارغ ٿيندڙ لکين پا??ستاني شاگرد ۽ پا??ستان کان ٻاهر پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن. نيو ٽيڪ تحت ادارن جي سڌارن جي عمل جي شروعات به ڪئي وئي آهي. نيو ٽيڪ ۽ ان جي حصيدارن سان گڏجي حڪومت هزارين نوجوانن کي مارڪيٽ ايبل هنر ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نوجوانن کي زندگي جي هر شعبي ۾ ترقي ۽ باوقار روزگار جي لاءِ جديد هنر ۽ پيشيواراڻي تربيت يقيني بڻائينداسين.