اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سڄي قوم ميجر طفيل محمد ش??يد (نشان حيدر) جي 66هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي ش??يد کي سل??م پيش ڪري ٿي، قوم کي پنهنجي بهادر پٽن تي فخر آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ ??ان جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ميجر طفيل محمد ش??يد (نشان حيدر) جي 66 هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ميجر طفيل محمد ش??يد (نشان حيدر) جي 66 هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ميجر طفيل محمد ش??يد نشان حيدر 1958 ۾ دشمن خلاف جرئت ۽ بهادري سان وڙهندي شهادت جو رتبو حاصل ڪيو. ميجر طفيل محمد ش??يد کي سندس بهادري جي اعتراف ۾ نشان حيدر سان پڻ نوازيو ويو، سينيٽ چيئرمين چيو ته قوم ش??يد ميجر طفيل (نشان حيدر) کي سل??م پيش ڪري ٿي.شهيدن جي لازوال قربانين سبب ئي اڄ اسان آزادي سان رهي رهيا آ??يو??، قوم کي پنهنجي بهادر پٽن تي فخر آهي.