اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ب??ري?? يومِ دفاع ۽ شهداء پاڪستان انتهائي عقيدت ۽ جوش سان ملهايو. ڏينهن جي شروعات ب??ري?? جي مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دعائن سان ٿي. ان موقعي تي 1965ع جي جنگ جي شهيدن کي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي. پاڪ ب??ري?? جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پنهنجي پيغام ۾ جنگ جي شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪ??و جن دشمن جي کلي جارحيت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏ??و هو. هي ڏينهن مادرِ وطن جي دفاع لاءِ اسان جي اتحاد ۽ قرباني جي جذبي جي عهد جو ڏينهن آهي. هي يادگار ڏينهن قوم ۽ هٿياربند فوج جي فتح نه ٿيڻ جوڳي رشتي جي به علامت آهي. نيول چيف پنهنجي بحري محافظن جي نمايان ۽ لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. نيول چيف ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سرحدن جي دفاع ?? سامونڊي واپاري رستن جي حفاظت لاءِ پاڪ ب??ري?? هر وقت تيار آهي. وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل اويس ??حم?? بلگرامي نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي. مختلف فيلڊ ڪمانڊ هيڊ ڪوارٽرز ۾ به شهيدن جي يادگارن تي گل چاڙهيا ويا ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. ب??ري?? جي سمورن يونٽن ۽ ٺڪاڻن تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جون تقريبون ٿيون. ان موقعي تي پاڪ ب??ري?? جا سمورا جهاز ۽ يونٽس ب??ري?? جي روايتن موجب سينگاريا ويا هئا.