اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري اداڪار مظهر علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي ??يو ته اداڪار مظهر علي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته اڄ اسان هڪ عظيم فنڪار ۽ هڪ محترم انسان کي وڃائي ??يٺا آهيون. مظهر علي پنهنجي فني صلاحيتن جي جادُو سان اسان کي جڪڙي رکيو ۽ پنهن??ي اداڪاري سان اسان جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو. هن چيو ته مظهر علي جي لاڏاڻي سان پاڪستاني ڊراما انڊسٽري کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئي??ن کي صبر عطا فرمائي.