راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادارن ۾ منشيات جي فراهمي خلاف پنجن ڪاررواين دوران 94 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ڪيل رپورٽ موجب رنگ روڊ پشاور تي حيات آباد ٽول پلازه ويجهو جوابدارن وٽان 1500 ن??ي جون گوريون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ مري روڊ تي موٽرسائيڪل سوار جي قبضي مان 500 گرام چرس هٿ آيو آهي. هوڏانهن ٽنڊوڄام حيدرآباد ۾ يونيورسٽي ويجهو موٽرسائيڪل سوار وٽان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجم??ن ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. رپورٽ موجب ٻين ڪاررواين ۾ موٽر وي ٽول پلازه ويجهو گاڏي مان 12 ڪلوگرام چرس هٿ آيو آهي، جڏهن ت?? هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اوڪزئي ۾ افغان ڪئمپ ويجهو بيٺل موٽرسائيڪل مان 24 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. اي اين ايف جي ترجم??ن ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ موجب ڪيس داخل ڪري جاچ ش??وع ڪئي وئي آهي.