اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاق?? وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻ تي ڪم ڪندڙ پورھيتن تي ھٿياربندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 20 پورھيت فوت ٿيا آھن. جاري ڪيل بيان ۾ گھرو وزير محسن نقوي وا??عي ت?? ڏک جو اظهار ڪندي فوت ٿيل پورهيتن جي وارثن سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گھرو وزير محسن نقوي چيو ته حڪومت فوتي پورھيتن جي گھرڀاتين جي غم ۾ برابر جي شريڪ آھي ۽ ??ک جي ??ن گھڙي ۾ وارثن سان گڏ آھيون. ھن وڌيڪ چيو ته فائرنگ جي وا??عي ۾ ملوث شرپسندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، بي گناھه پورھيتن کي قتل ڪرڻ وارا ڪنھن به قسم جي رعايت جا حقدار نه آھن.