رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سيڙپڪاري، واپاري معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي و??ا آهن، پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعودي شاهي ديوان جي صلاحڪار محمد بن التويجري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي ??زير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي ??زير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي ??زير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي ??زير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي ??زير ڄام ڪمال خا?? ۽ ??طلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف اقتصادي قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سعودي سيڙپڪاري واري وزير جي 9 کان 11 آڪٽوبر تي نجي شعبي جي هڪ وڏي و??د گڏ پاڪستان جي تا??ي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته دوري دوران پاڪستان ۾ صحيحون ڪيل مفاهمتي يادداشتن جي ٺوس سيڙپڪاري ۽ واپاري معاهدن جي شڪل ۾ مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي و??ا آهن. وزيراعظم پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي رفتار کي جاري رکڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان مضبوط اقتصادي تعاون جي ڪوشش?? ۽ ??زم تي سعودي وزير خالد الفالح جا ٿورا مڃيا. هن سعودي عرب جي و??زن 2030ع جي پس منظر ۾ ٻنهي ملڪن جي لاءِ موجود اقتصادي موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.