اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف سياسي اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو جنهن ۾ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻن سميت مختلف سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف طرفان جاتي امرا ۾ سياسي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي جمعيت علما??ُ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته تجويز ڪي?? آئيني ترميم تي اجلاس حوصلي وارو رهيو، ڪجهه نقطن تي اتفاق راءِ ٿيو آهي ۽ ڪجهه نقطن جي ويجهو پهچي ويا آهيون، هن چيو ته بلاول هائوس ۾ آ??يني ترميم بابت بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي، تجويز ڪي?? آئيني ترميم تي اڄوڪو اجلاس حوصلا افزا رهيو آهي. آئين ۾ اهڙيون ترميمون آنديون وينديون جيڪي ادارن ۾ سڌارن جو سبب بڻجنديون. آئين جي بالادستي کي مضبوط بڻايو ويندو. اسلام آباد پهچي تحريڪ انصاف جي قيادت سان ڳالهيون ڪندس. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صلاح مشوري کانپوءِ اتفاق راءِ طرف وڌي رهي آهي، ??نا??ب وقت تي آئيني ترميم کي ٻنهي ايوانن مان منظور ڪرايو ويندو.ڪالهه جيڪو اتفاق راءِ ٻن پارٽين ۾ هو اڄ ٽن پارٽين وچ ۾ ٿيو آهي.