اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس جي گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن ۾ سمورن جج?? شرڪت ڪئي، جڏهن ته جسٽس منصور ??لي شاهه وڊيو لِنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. جاري پريس رليز موجب اهو اجلاس سپريم ڪورٽ جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ ڪيسن کي مُنهن ڏيڻ لاء?? سڏايو ويو هو. اجلاس ۾ ڪيسن جي بيڪ لاگ کي گهٽائڻ ۽ عدالتي ڪارڪردگي کي وڌائڻ وارن قدمن تي ڌيان ڏنو ويو. رجسٽرار سپريم ڪورٽ ڪيس لوڊ جو جائزو فراهم ڪيو ۽ ڪيسن جي وقت سر فيصلي طرف قدمن جو خاڪو پيش ڪيو. هن تازا انگ اکر جاري ڪيا، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن وقت 59191 ڪيس التوا هيٺ آهن ۽ جسٽس منصور ??لي شاهه جي تيار ڪيل ڪيس مئنجمينٽ پلان 2023ع تي ٻَڌل هڪ مهيني جو نئون منصوبو متعارف ڪرايو. ان منصوبي ۾ واضح معيارن جو تعين ڪرڻ، مختلف نوعيت وارن ڪيسن جو اثرائتي طريقي سان منظم ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي جو استعمال شامل آهي. ڪيس مئنجمينٽ پلان جو جائزو وٺندي جج?? پلان جي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ماهوار پلان موجب فوجداري ۽ ديواني ڪيس خصوصي 2 ۽ 3 رڪني بينچن کي مختص ڪيا ويا هئا ته جيئن ڪيسن کي جلد کان جلد حل کي يقيني بڻائي سگهجي. ان موقعي تي جج?? نظام جي وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پنهنجا رايا ۽ سفارشون پ??ش ڪيون. جسٽس سيد منصور ??لي شاهه وڊيو لِنڪ ذريعي شرڪت ڪندي اضافي تجويزون پ??ش ڪيو جنهن جو مقصد ڪيس جي بيڪ لاگ کي گهٽائڻ ۽ شروعاتي طور تي هڪ مهيني لاءِ طريقيڪار جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻا??ڻ آهي ۽ ان بعد 3 ۽ 6 مهيني جا منصوبا شامل آهن. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سمورن جج?? جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ڪيس مئنجمينٽ پلان جي مڪمل عمل ڪرڻ سان مقرر هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. 2 ڊسمبر 2024ع تي طئي ٿيل فل ڪورٽ گڏجاڻي جي ايندڙ سيشن ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويندو.