اسلام آباد – 07 – ن??مب?? (اي پي پي) خيبر??خت??نخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ص??با??ي حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ، معاشي ترقي ج?? لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن، نوجوانن جي مثبت سرگرمين ۾ مشغوليت، صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبر??خت??نخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان موجوده صورتحال، ان ۾ بهتري ج?? لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن خيبر??خت??نخواهه ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. خيبر??خت??نخواهه جي گورنر ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير صوبي ۾ امن امان جي بحالي ج?? لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. خيبر??خت??نخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي چيو ته خيبر??خت??نخواهه ۾ نوجوانن کي انتشاري سياست کان پري رکڻ ۽ مثبت سرگرمين طرف ر??غب ڪرڻ ج?? لاءِ قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت خيبر??خت??نخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ تيار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام ۽ معياري تعليم جي فروغ جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، خيبر??خت??نخواهه ۾ امن امان جي بحالي وفاق جي ترجيحن ۾ شامل آهي، خيبر??خت??نخواهه جي عوام اسان جا ڀائر آهن، انهن جي ڀلائي وفاق جي اولين ترجيح آهي، خيبر??خت??نخواهه جي عوام کي انهن جي حق کان محروم نه ڪيو ويندو، صوبي ۾ ثقافتي سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ ميڊيا حب بڻائڻ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. خيبر??خت??نخواهه جي گورنر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ ٿيندڙ جدت ۽ مثبت تبديلين کي خوش آئنده قرار ڏنو. ملاقات ۾ خيبر??خت??نخواهه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين جي فروغ بابت مختلف تجويزون پڻ بحث هيٺ آيون.