اسلام آباد-27 نومبر (اي پ?? پي) اسلام آباد ۾ احتجاج دوران مظاهرين جي فوتگين وارين خبرن کي سيڪيورٽي ذريعن سختيءَ سان رد ڪندي انهن کي ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڌُرين طرفان اها پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شيلنگ جي نتيج?? ۾ ??ظاهرين ??ون فوتگيون ٿيون آهن جيڪو ??را??ر بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان ڪنهن به قسم جي هٿيار جو استعمال ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته ناڪامين کي لِڪائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز احتجاج دوران قانون جي دائري ۾ رهندي آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي ذريعن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سوشل ميڊيا تي ڦهلايل بي بنياد خبرن تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ صرف تصديق ٿيل ذريعن کان حاصل ٿيل ڄاڻ تي ڀروسو ڪن.