راولپنڊي-15 نومبر (اي پي پي) بحرين جي نائب فرمانروا ڀائر ملڪن ۾ فوجي ۽ دفاعي سهڪار کي وڌائڻ وارين ڪوششن جي اعتراف ۾ ايئر چيف مارشل کي بحرين ميڊل فرسٽ ڪلاس جي اعزاز سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ايئر چيف مارشل کي بحرين جي ساخر ايئر بيس تي ميڊل سان نوازيو ويو. تقريب ۾ بحرين جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي. ايئر چيف مارشل ميڊل ڏيڻ تي بحرين قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. ايئر چيف مارشل ظهر ??حمد سڌو سان بحرين ا??ٽر??يشنل ايئر شو جي موقعي تي آمريڪي ايئر فورس سي??ٽر?? ڪمانڊ جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ڊيرڪ فرانس جي ملاقات به ٿي. ايئر چيف مارشل ٻنهي اسٽريٽجڪ پارٽنرز وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪمانڊر سي??ٽر?? ڪمانڊ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. بحرين ا??ٽر??يشنل ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي جي ايف-17 بلاڪ ٿري ويڙهاڪ جهازن شرڪت ڪئي. بحرين جي فرمانروا ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي جٿي جي شرڪت کي ساراهيو.