اسلام آ??اد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي وق??ي چيئرمين سيدال خان سان اسلامڪ رليف جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب وفد جي قيادت برطانيه جي ڪونسلر شاهين اشرف ڪئي. وق??ي چيئرمين اسلامڪ رليف جي وفد کي چيمبر ۾ ڀليڪار ڪيو. وق??ي چيئرمين چي?? ته اسلامڪ رليف قدرتي آفتن دوران انسانيت جي خدمت ڪئي، جنهن سندن شڪرگذار آهيون. ??اڪ??تان ۾ زلزلن، ٻوڏن ۽ سوڪهڙي سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ اسلامڪ رليف جا رضاڪار سڀ کان اڳيان رهيا. سيدال خان ملاقات دوران چي?? ته بلوچستان صوبي ۾ اسلامڪ رليف ڏورانهن علائقن ۾ وڃي رليف جو ڪم ڪيو. اڄ به اسلامڪ رليف جي مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته مختلف علائقن ۾ رليف سينٽر جو قيام تعريف جوڳو آهي، مشڪلن گهڙين ۾ رليف فراهم ڪرڻ انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي. وفد وق??ي چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ بلوچستان سميت ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ نَون منصوبن جي شروعات لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.