اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعن ??نون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي ??راج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر ٻن مختلف ڪاررواين دوران 8 خوارجن کي ??هنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ??اراه??و ۽ ڪاررواين دوران شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد زوهيب الدين ۽ سپاهي افتخار حسين کي ??راج عقيدت پيش ڪيو. صدر ملڪ خاطر وڏي قرباني پيش ڪرڻ تي شهيدن جي حب الوطني واري جذبي کي ??اراهيو. هن چيو ته ملڪي سلامتي خاطر شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي نه وساريندي. صدر مملڪت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪ??و ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل رهندي. صدر مملڪت شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.