اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي رهائشگاهه ويو ۽ ساڻس سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??رحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ??رحومه جي خاندان جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا پڻ ڪئي. اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزي?? احد خان چيما ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاح??ار راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.