اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ ??يئ??مين سيد يوسف رضا گيلاني مسلم دنيا جي عظيم اڳواڻ، ا??ڀر جي نياڻي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي چيو آهي ته اڄ اسان شهيد محترمه جي 17هين ورسي تي سندس قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا، شهيد محترمه نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت، مساوات ۽ انساني حقن لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪيو، سندس سياسي جدوجهد ۽ اصولن تي ِٻَڌل قيادت پاڪستان جي عوام لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهندي. ان موقعي تي پ??هن??ي خاص پيغام ۾ سينيٽ ??يئ??مين چيو ته شهيد محترمه پ??هن??ي جان جو نذرانو ڏئي ان عزم کي مضبوط ڪيو ته جمهوريت ئي اسان جي ترقي جو واحد رستو آهي. سينيٽ ??يئ??مين وڌيڪ چيو ته محترم بينظير ڀٽو هر قسم جي ڏاڍ ۽ آمريت جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ پ??هن??ي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هوءَ عورتن جي حقن، تعليم، صحت ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ سرگرم رهي ۽ پ??هن??ي قيادت ذريعي نوجوان نسل کي اهو درس ڏنو ته قومي ات??اد ۽ حب الوطني سان هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي ??و، سندس بصيرت ۽ جرئت اڄ به اسان کي متحد ۽ منظم رهڻ جو سبق ڏئي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان کي ان ڏينهن جي موقعي تي هي عهد ڪرڻو آهي ته شهيد محترمه جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، پاڪستان کي هڪ ترقي يافته، خوشحال ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ سندس مشن کي جاري رکنداسين. سينٽ ??يئ??مين چيو ته اسان شهيد محترمه کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندس ڏنل قرباني کي ڪڏهن به نه وِسارينداسين.