اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رپئي جي قدر مستحڪم ٿي وئي آهي ۽ اسٽا?? مارڪيٽ جا انگ اکر پڻ مٿي وڃي رهيا آهن، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي رينڪنگ ۾ بهتري وڏي ڪاميابي آهي، مع??شي انگ اکر بهتري طرف وڃي رهيا آهن. وزيراعظم مع??شي ٽي?? جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.