اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر گوتابايا راجا پاڪس?? سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس سوشلسٽ جمهوريه سريلنڪا جي ستين صدر چونڊجڻ تي مب??رڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان چيو ته تازين چونڊن ۾ صدر راجا پاڪسي جي ويزن ۽ قيادت تي سريلنڪا جي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي.