لاهور – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف جي بيماري جو نالو اقتدار کان دوري آهي جيڪا لاعلاج آهي، هن وقت (ن) جي قيادت ۾ ڏڪار ۽ زبان بندي جي موسم آيل آهي، مريم نواز خبر نه آهي ڪ??ڙي مصلحت جو شڪار آهي ۽ سندس آواز قوم کي ٻڌڻ ۾ نه اچي رهيو آهي. مينار پاڪستان جي تحر??ڪ انصاف وچ پنجاب جي تنظيمي ڪنوينشن ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته لاهور ۾ وچ پنجاب جي ڪارڪنن جو تنظيمي ڪنوينشن پاڪستان جي مضبوطي، استحڪام ۽ ڳڙيل سڙيل نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو واضح اظهار آهي.