اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ??هي ته پارلياماني ڪميٽي ڪرونا وائرس جي وبا بابت مانيٽرنگ ۽ ن??راني جو ڪم ڪندي، حڪومت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ کي ورجايو آهي. ڪرونا وائرس جي وبا جي معاملي تي قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي پارلياماني ڪميٽي کي مڪمل بريف ڪيو آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت سموريون تجويزون ڏئي ??ڏيون آهن جيڪي خوش آئنده آهن، خميس تي ايندڙ اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال تي غور ٿيندو، لاڪ ڊائون جي وڌيڪ ??ڌڻ جي صورت ۾ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ??نداسين، ملڪي معيشت تي پوندڙ اثرن جو پڻ جائزو ورتو ويندو.