اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بئنڪن طرفان تعميرات جي شع??ي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تعميرات جو شع??و معيشت جي فروغ جو ضامن آهي، تعميرات جي شع??ي جي فروغ سان بئنڪن جي لاءِ منافع بخش ڪاروبار جا بي شمار موقعا ميسر ايندا، گهرن جي تعم??ر جي حوالي سان درخواستون کي آسان ۽ ممڪن بڻايو وڃي، گهٽ ۽ وچولي آمدني وارا ماڻهو ان سهولت مان وڌ کان وڌ لاڀ پرائي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نيشنل ڪوآرڊينيشن هائوسنگ ڪميٽي، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.