فيصل آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪووڊ – 19 جي ڪري عالمي سطح تي پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري سڄي دنيا ۾ ضروري شين جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿي?? ۽ اسان کاڄرو تيل، داليون ۽ ڪيتريون ئي ٻيون زندگي جي ضرورت جون غذائي شيون درآمد ڪندا آهيون تنهن ڪري ان جو اثر پاڪستان ۾ به قيمتن تي پوندو آهي پر ان جي باوجود حڪومت عوام کي مهانگائي کان بچائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ مخالف ڌر ماڻهن ۾ مايوسي پکيڙي رهي آهي، ان کي گهرجي ته هو ماڻهن کي اصل حقيقتن کان آگاهه ڪري پر (ن) ليگ ۽ پ پ پ جي ايجنڊا عوام ۾ ڪوڙ پکيڙي پنهنجي ڪرپشن تان ڌيان هٽائڻ آهي، هن چيو ته اسان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن تي ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائينداسين، انهن جون پگهارون وڌايون وينديون، ان کانسواءِ اڳوڻن حڪمرانن ذاتي فائدي لاءِ آءِ پي پيز سان مهانگي بجلي جا معاهدا ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي انويسٽرز کي ڊالرز ۾ ادائيگيون ڪيون پر بجلي جي پهچ واري نظام کي بهتر نه بڻايو پر ها??ي وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت ملڪي معيشت مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهي آهي ??نه?? سان عوام کي جلد رليف ملندو. سرڪٽ هائوس فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گڏيل قومن جا بي ??ما?? ذيلي ادارا آهن ??نه?? جون رپورٽون خصوصي اهميت رکن ٿي??ن ۽ ان جا فوڊ سيڪيورٽي بابت ادارا فوڊ اينڊ ايگري ڪلچر آرگنائزيشن گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ جيڪا سڄي دنيا ۾ سمورين وڏين وڏين اخبارن ۾ وڏين سرخين سان شايع ٿي آهي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪووڊ – 19 جي ڪري مئي 2021ع ۾ سڄي دنيا ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو، ڊيري ۾ 28 سيڪڙو، گوشت ۾10 سيڪڙو، کنڊ ۾ 57 سيڪرڙو پر پاڪستاني فوڊ ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿي?? آهي ??نه?? جي پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ گهرج ۾ اضافو آهي ڇو ته ڪووڊ – 19 جي ڪري پيداواري سرگرميون بري طرح متاثر ٿي??ن آهن ??نه?? جي ڪري عالمي سطح تي ضروري شين جا اگهه وڌيا آهن، هن چيو ته پاڪستان ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ کاڄرو تيل، داليون ۽ ٻيون شيون درآمد ڪندو آهي ان لاءِ جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌنديون ته ان جو اثر پاڪستان تي به پوندو پر پوءِ به اسان گهٽ کان گهٽ بار صارفين تي وڌو،