عالمي برادري جي ضمير کي جنجهوڙڻ لاءِ عوام ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP79-04 ISLAMABAD: February 04 - Special Assistant to the Prime Minister on Information & Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing a press conference. APP

اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪشمير کي پاڪستان جو دفاعي حصار قرارڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري جي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ هر سال وانگر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام اڄ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي، وفاقي گادي واري شهر ۾ عورتون ۽ ٻار والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي آفيس ۾ قرارداد جمع ڪرائيندا. هو پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪشميرين جي طاقتور آواز ۽ حقن جي جدوجهد کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن مختلف پروگرام جوڙيا ويا آهن.

مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil