اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماضي ۾ ??وجوانن جا سياسي رشوت جا پروگرام شروع ڪي?? ويا، نواز شريف ۽ شهباز شريف ذاتي تشهير ڪندا هئا، عثمان ڊار جا ٿورائتا آهيون جو هن نوجوانن کي سياسي رشوت جي پروگرامز مان ڪڍيو، 40 ارب رپين جا قرض نوجوانن جي لاءِ منظور ڪي?? و??ا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ (ن) ليگ نوجوانن جي نالي تي جيڪي پروگرامز شروع ڪي?? اهي رڳو پنهنجي ذات جي لاءِ هئا، انهن ته پرائيم منسٽر لون پروگرام جو سربراهه به مريم نواز کي بڻايو هو. مملڪتي وزير چيو ته (ن) ليگ ان پروگرام تحت رڳو 26 ارب رپيا ورهايا، اسان رڳو ڪامياب جوان پروگرام جو هدف 50 ارب رپين تائين وڌائينداسين. مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ ??وجوانن جي لاءِ سياسي رشوت جا جيڪي پروگرام شروع ڪي?? ويا انهن سان نوجوانن جو ڪو فائدو نه ٿيو. رڳو نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ذاتي تشهير ٿي. هن چيو ته آئون عثمان ڊار جو ٿورائتو آهيان جو هن نوجوانن کي سياسي رشوت جي پروگرامن مان ڪڍيو، ڪامياب جوان پروگرام ۾ شفاف نظام متعارف ڪرايو. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ ??ڪ ٺوس پروگرام کڻي آياسين جنهن جا ثمر حاصل ٿيڻ شروع ٿي و??ا آهن. هن چيو ته بئنڪن کي نوجوانن کي قرض فراهم ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته گذريل دورن ۾ شروع ڪيل پروگرامن سان مل??ي معيشت ڪمزور ٿي، نوجوانن جو تمام وڏو حصو نوڪرين جي ڳولا ۾ رهيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته 40 ارب رپين جا قرض نوجوانن جي لاءِ منظور ڪي?? و??ا آهن، 30 ارب رپين جي منظور ڪيل قرضن مان 22 هزار نوان ڪاروبار شروع ڪي?? و??ا آهن. مملڪتي وزير چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ۾ اسٽارٽ اپس کي پروموٽ ڪيو ويو آهي، جن وٽ وسيلن جي کوٽ هئي هاڻي اهي ان پروگرام مان فائدو کڻي پنهنجي ۽ ٻين جي روزگار جو وسيلو بڻجي ره??ا آهن. هن چيو ته پروگرام تحت پهرين مرحلي ۾ 10 لک رپين تائين قرض بنا گارنٽي جي حا??ل ڪري سگهجي ٿو. فرخ حبيب چيو ته 30 ارب رپين مان 12 ارب رپيا اسٽارٽ اپس ۾ ??راهم ڪي?? ويا، ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن به وڌي چڙهي حصو ورتو. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان شفافيت تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته 3 هزار ڪاروبار سنڌ ۾ به شروع ڪي?? ويا ۽ ڪامياب جوان پروگرام ۾ ??رض سياسي بنيادن تي نه پر ميرٽ ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکي ڏنا و??ا آهن. هن چيو ته 30 ارب رپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت ورهايا و??ا آهن ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 هزار نوڪريون ڏنيون ويون آهن. فرخ حبيب چيو ته ”هنر سڀني جي لاءِ“ پروگرام جي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا و??ا آهن جنهن مان 25 هزار نوجوان فائدو کڻي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽس جو ٽارگيٽ هلندڙ سال 3 ارب ڊالر آهي. نوجوانن کي مختلف سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ايڇ اي سي سان گڏجي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. فرخ حبيب چيو ته پوري مل?? ۾ ??يلنٽ هنٽ پروگرام اڃا به جاري آهي.