اسلام آباد _27 آڪٽوبر (اي پي پي ) پاڪستان سو?? ايوي ايشن اٿارٽي پڻ 27 آڪٽوبر تي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان گڏ يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايو . ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار جي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ وڏن ايئر پورٽس تي بينرز ، اسٽينڊيز ۽ ڪشمير جا جهنڊ?? لڳايا ويا ، بينرن تي ڪشميرين سان يجهتي جي اظهار جا نعرا لکيل هئا . ايئر پورٽس جي مختلف حصن تي ڪارا جهنڊ?? لڳايا ويا هئا .