مصنوعي ذهانت سان امڪانن ۽ موقعن ۾ سگهه پيدا ٿي آهي: صدر

image
APP32-14 ISLAMABAD: January 14 - President Dr. Arif Alvi addressing to the opening ceremony of 17th International Bhurban Conference on Applied Sciences and Technology (IBCAST). APP

اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جديد سائنسي ايجادن جي تعميري ۽ ذميداراڻي استعمال کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت سان امڪانن ۽ موقعن ۾ سگهه پيدا ٿي آهي، اڄ دنيا ۾ سرمائي جي طاقت جهوريتن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، عالمي برادري پاران ڪشمير جي مسئلي تي اصولي فيصلو نه ڪرڻ سان پاڪستان جي عوام مايوس آهي، پاڪستان جنگ ۾ يقين نٿو رکي، پر اسان جي جوهري صلاحيت امن ۽ پنهنجي دفاع لاءِ ضروري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم يونيورسٽي ۾ عالمي اپلائيڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری