اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪم ڪن??ڙ سمورن ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي لاءِ هڪ مهيني جي اضافي پگهار جي اصولي منظوري ڏيندي چيو آهي ته ان مشڪل وقت ۾ ڏکين حالتن ۾ انسانيت جي خدمت سان ٽمٽار ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جو جذبو ۽ خدمتون واک??ڻ جوڳيون آهن. اها ڳالهه هن ڪورونا وا??رس جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ??ند?? چئي.