اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي جي صدارت ۾ عالم سڳورن جي هڪ اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ رمض??ن المبارڪ دوران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت 20 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. صدر رمض??ن المبارڪ دوران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گورنرن، عالم سڳورن ۽ سياسي شخصيتن سان تفصيلي مشاورت ڪ??ي جڏهن ته چئني صوبائي حڪومتن ک??ن ان حوالي سان لکت ۾ سفارشون طلب ڪيون هيون، صحت جي عالمي اداري جي سفارشن ۽ ڪورونا جي ڪري ملڪ جي اندروني صورتحال کي پڻ نظر ۾ رکيو ويو آهي، صدر جي ڀ??پور ڪوششن سان مشاورت تي ٻڌل اهو متفقه پڌرنامو طئي ٿيو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي عالم سڳورن جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪ??ي.