اسلام ??باد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز مخ??لف ڌر پاران ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ کي غيرذميواراڻي سياست قرار ڏيندي چيو آهي ته ان عمل مان ثابت ٿي ويو ته مخ??لف ڌر پارٽيون پارليامينٽ تي به اعتماد نه ٿيون ڪن، مخ??لف ڌر کي ان غيرذميواري تي سڄي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو، حڪومت پنهنجي پاليسي ۽ موقف تي مضبوطي سان بيٺل آهي، مخ??لف ڌر سان يا مخ??لف ڌر کانسواءِ عوام ??ي ڀلائي، روزگار جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، بدقسمتي سان جمهوريت جا دعويدار هر معاملي کي سياست جو رنگ ڏين ٿا، عدالت جي فيصلي، حڪومتي ايس او پيز جي خلاف ورزي تي پي ڊي ايم پشاور جلسي جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙ قائدين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڄاڻي واڻي عوام ??ي جان کي خطري ۾ وجهندڙ قومي ڏوهاري آهن، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر اچي چڪي آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ احتياط ئي واحد ر??تو آهي، ??زي??اعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت عوام ??ي جان، روزگار، معاشي سرگرمين جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ان جي لاءِ سخت پابنديون پڻ لڳايون وينديون. هو ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان بريفنگ ڏئي رهيو هو.