اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري عالمي سيڙپڪار ڪمپنين جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيو آهي، مختلف شعبن ۾ منافع بخش سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ معاشي ترقي ۽ روزگار جي ڀرپور امڪان روشن ٿي رهيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوڪا ڪولا لائيسڪ جي وفد سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ يردڪل، صنعت وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به شريڪ هئا، وفد ۾ ڪوڪا ڪولا آئسيڪ پاڪستان جو جنرل مينيجر احمت ڪرسدارتن، ڪوڪا ڪولا پاڪستان جو ڊائريڪٽر ۽ ڪارپوريٽ افيئرز مينيجر شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪوڪا ڪولا ڪمپني پاران پاڪستان ۾ ڪيل سيڙپڪاري ۽ مستقبل ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان منصوباب??دي تي آگ??هه ڪيو، وفد وزيراعظم کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ پنهنجي آئينده بيوريج پلانٽ جي منصوبي جي حوالي کان به آگ??هه ڪ??دي ٻڌايو ته ان منصوبي جو سنگ بنياد عنقريب رکيو ويندو. ان نئين پلانٽ جي ڪري مقامي آبادي لاءِ ملازمت جا سڌو ??نوان ۽ اڻ سڌا موقعا، ذيلي صنعتن جي لاءِ منافعي جا امڪان پيدا ٿيندا ۽ حڪومت پاڪستان جي روينيو ۾ اضافو ٿيندو.